آل انڊيا ڪانگريس

آل انڊيا ڪانگريس: ڀارت جي مشهور سياسي جماعت، جيڪا 28 ڊسمبر 1885ع ۾ بمبئي شهر ۾ قائم ٿي، ان جو بنيادي مقصد هندستان کي آئيني ذريعن سان نو آبادياتي حق ڏيارڻ هو. 1917ع ۾ انتهاپسند عنصرن، مهاتما گانڌيءَ جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ اعتدال پسند سياستدانن ۽ سڀني کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪانگريس ۾ اڪثريت راءِ حاصل ڪري انگريزن کان سوراج جو مطالبو ڪيو. ان دور ۾ ڪانگريس جو خاص هٿيار اهنسا ۽ سول نافرماني هئا، جن کي پهريون ڀيرو 1919ع ۾ وسيع پئماني تي استعمال ڪيو ويو. ٻي مهاڀاري جنگ (1939ع) دوران ڪانگريس، سول نافرمانيءَ ۽ ڀڃ ڊاهه جي تحريڪ هلائي، ان سان گڏ ڀارت مان انگريزن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ’هندستان ڇڏيو‘ (Quit India) جو نعرو هنيو. نتيجي طور ڪانگريس جا گهڻا اڳواڻ گرفتار ٿيا ۽ 1942ع کان 1945ع تائين هن جماعت کي غيرقانوني قرار ڏئي، ان تي پابندي وڌي وئي. انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جا سنڌ ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، اين.آر. ملڪاڻي ۽ ٻيا سنڌي اڳواڻ سرگرم رهيا. ان کان پوءِ واري زماني ۾ جڏهن انگريز حڪومت سان ٻيو ڀيرو ڳالهيون ٿيون ته ان وقت هندستان جا مسلمان ’انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ‘ جي پليٽ فارم تي متحد ٿي چڪا هئا، تنهنڪري ڪانگريس کي مسلم ليگ جي مطالبي موجب مسلمانن لاءِ جدا اسلامي رياست جو مطالبو تسليم ڪرڻو پيو. 14-15 آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ هندستان ۾ ٻه جدا جدا آزاد رياستون ’پاڪستان‘ ۽ ’ڀارت‘ جي نالن سان وجود ۾ آيون ۽ ڪانگريس ڀارت ۾ حڪمران پارٽي ٿي.


لفظ آل انڊيا ڪانگريسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو